عمران چيو هو تصدق جيلاني جي وڃڻ بعد ايندڙ جج پارليامينٽ ٽوڙيندا: جاويد هاشمي جي دعويٰ

اسلام آباد/ملتان (ويب ڊيسڪ): سينئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته اڄ قوم سامهون حلفي بيان ڏئي رهيو آهيان، ڪڏهن عهدي ۽ اقتدار جي دعا ناهي گهري، هن چيو ته عمران چيو هيو ته تصدق جيلاني جي وڃڻ بعد ايندڙ جج پارليامينٽ کي ٽوڙيندا، هن چيو ته عمران خان چيو هيو ته نواز شريف پاڻ استعيفيٰ ڏئي ويندو، مان هڪ هڪ لفظ قسم کڻي چئي رهيو آهيان، عمران خان چيو هيو ته سيپٽمبر جي آخر تائين چونڊون ٿي وينديون، عمران خان چيو هيو ته مقابلي تي اچڻ جي جرئت ڪو به نه ڪري سگهندو، عمران خان چيو هيو ته اسان جي حڪومت بڻجي ويندي، جاويد هاشمي چيو ته عارف علوي، شيرين مزاري مون کي چيو خان پارليامينٽ تي حملو ڪرڻ لاءِ تيار ويٺو آهي، انهن جي چهرن جو رنگ اڏل هيو، مون کي چيو ته اوهان عمران کي سمجهايو، عمران چيو ته ٽيڪنوڪريٽ جي حڪومت بڻجندي ۽ سيپٽمبر ۾ چونڊون ٿينديون، عرمان خان حلف کڻي منهنجي ڳالهين جي ترديد ڪري، عمران خان چيو ته چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي، ڪو به مقابلي جي جرئت نه ڪندو، پرويز مشرف انتهائي بزدل ماڻهو آهي، هن چيو ته شيخ رشيد ڪنٽينر تي بيهي چيو هيو ته ميز جي هيٺان لڪي وڃ، لانگ مارچ جڏهن گوجرانوالا جي ويجهو پهتو ته ڪجهه ماڻهن پٿراءُ ڪيو، مون کي آفر هئي ته استعيفيٰ ڏيان پي ٽي آءِ جو فارورڊ بلاڪ بڻايان، مون چيو ته مان فارورڊ بلاڪ نه بڻائيندس، عمران خان جي پارٽي کي ختم ڪرڻ ناهيان آيو. ٻئي طرف تحريڪ انصاف ترجمان چيو آهي ته جاويد هاشمي جون ڳالهيون بلڪل ڪوڙ، من گهڙت ۽ بنا سر ۽ پيرن جي آهن، شفقت محمود، شيرين مزار،ي عارف علوي سان منسوب بيان ڪوڙو، هٿ جو گهڙيل آهي، هن چيو ته جاويد هاشمي جي سياست، سياسي ڪيريئر جو مڪمل طور جنازو نڪري چڪو آهي، تفصيلن مطابق ترجمان پاڪستان تحريڪ انصاف جاويد هاشمي جي بيان کي رد ڪندي چيو ته جاويد هاشمي روزانو ڪوڙا افسانا جوڙيندو آهي، چاپلوسي جون سموريون حدون پار ڪرڻ باوجود به شريف خاندان کيس ڳلي لڳائڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته جيڪڏهن ن ليگ هاشمي کي پاڻ سان گڏ نه کڻي رهي آهي ته ان ۾ عمران خان جو ڪهڙو ڏوهه آهي، جاويد هاشمي کي قوم رد ڪيو ته ان جو سبب اهو پاڻ هيو، هاشمي صاحب ڪوڙ ڳالهائڻ نه ڇڏيو ته رهي سهي ساک به وڃائي ويهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *