عمران خان نان اشوز تي سياست ڪرڻ بدران ڪي پي ڪي تي توجه ڏئي: عابد شير علي

ملتان (بيورو) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته هلندڙ سال مئي واري مهيني تائين 1500 ميگا واٽ بجلي سسٽم جو حصو ٿي ويندي. ملتان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عابد شير علي چيو ته عمران خان کي گهرجي ته هو نان اشوز تي سياست ڪرڻ بدران ڪي پي ڪي تي توجهه ڏئي. هن چيو ته هن سال گرمين دوران شهرن ۾ ڇهه ۽ ڳوٺن ۾ 8 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪو ٽرانسفارمر سڙندو ۽ تبديل نه ٿيندو ته اتان جي ايس ڊي او کي فوري طور تيمعطل ڪيو ويندو. هن چيو ته تربيلا ڊيم ۾ 1400 ميگا واٽ بجلي هن سال شامل ٿي ويندي، جڏهن ته بند پيل پاور پلانٽس کي جلد بحال ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *