عمران خان عدالت ۾ ڪيس وڙهي، ميڊيا ٽرائل نه ڪري: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) سڌ سماءُ واري وزير پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته عام چونڊن ۾ 35 پنڪچر لڳائڻ واري عمران خان خيبرپختونخوا جي چونڊن ۾ پورو ٽيوب ڦاڙي ڇڏيو جڏهن ته ان ۾ ايتري اخلاقي همت به ناهي جو هوسندس خواهش تي جڙندڙ جوڊيشل ڪميشن ۾ الزامن کي ثابت ڪري.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرويز رشيد جو چوڻ هو ته عمران خان ميڊيا ٽرائيل جي ذريعي ماڻهن کي ءٽڪائي رهيو آهي هو پنهنجو ڪيس ميڊيا بدران عدالت ۾ ڇو نه ٿو وڙهي، عمران خان روزانو عوام کي عدالت کان انصاف نه ملڻ واري ڪهاڻي ٻڌائيندو آهي ۽ پاڻ عدالت مان گم هوندو آهي جنهن تي هن تي ڏنڊ به هنيو ويو،سندس چوڻ هو ته  عمران خان جي 35 پنڪچرس واري ڪهاڻي ڪوڙي هئي جيڪا رڳو ميڊيا تي هلائي سگهجي ٿي، عدالت ۾ ثبوت ڏيکارڻا پوندا آهن ۽ عمران خان وٽ ڪوڙ کانسواءِڪجهه به ناهي. پروزير رشيد جو چوڻ هو ته عدالت ۾ 35 پنڪچر جي ڳالهه ثابت ڪرڻ بدران پنهنجي سوچ ٻڌائي رهيو آهي مطکب ته کيس جيڪو خواب نظر ايندو آهي اهو الزام جي صورت ۾ چونڊن تي هڻي ڇڏيندو آهي.وفاقي سڌ سماءُ واري وزير جو چوڻ هو ته جڏهن عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويندو آهي ته اهي خاموش ٿي گهر ۾ نه ويهندا آهن ۽ نه ئيهڪ سال ان ڳالهه جو انتظار ڪندا آهن ته ڪڏهن ڊي چوڪ تي ڪنٽينر سجايا ويندا، هو پاڻ ئي روڊن تي نڪري ايندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *