عمران خان جي فطرت ۾ گاريون ڏيڻ شامل آهي، کيس ڪٿان ڇنڊ پٽي وئي ته هو مهذب ٿي ويو: پيپلزپارٽي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي پارليامينٽ جي عورت ميمبرز چيو آهي ته وزيراعظم ڪجهه ڏينهن اڳ اسيمبلي ۾ تقرير ڪئي، ان جي فطرت ۾ گاريون ڏيڻ شامل آهي کيس ڪٿان ڇنڊ پٽي وئي ته هو مهذب ٿي ويو، قومي سلامتي ميٽنگ جو سمورو ڪريڊٽ پاڪ فوج ڏانهن وڃي ٿو. جيڪو موجود نه هو کيس پنهنجي رويي تي غور ڪرڻ گهرجي حڪومت ڪشمير جي اليڪشن کي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ذلفي بخاري بلاول ڀٽو زرداري کي ڏنو اخبار کي نوٽيس ڏي ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽر پلوشا خان، سينيٽر روبينه خالد ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو سينيٽر پلوشا خان چيو ته ڪشمير ۾ اليڪشن ۾ پ پ ۽ ٻين پارٽين جي اميدوارن جون وفاداريون تبديل ڪيون پيون وڃن چونڊ سڌارن جي ڳالهه ڪريون ٿا مٿان حڪم جاري ڪيو وڃي ٿو وزيراعظم مسئلا حل ڪرڻ بدران ڪشمير کي فتح ڪرڻ چاهي ٿو پهريان ڪشمير جو سوڌو ڪري ڇڏيو آهي اهڙِن حالتن ۾ ڪشميري حڪومت کي ووٽ نٿا ڏئي سگهجن پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته وزيراعظم اپوزيشن کي چونڊ سڌارن تي ڳالهين جي دعوت ڏني ان سان گڏ ئي پنهنجو حڪم جاري ڪري ڇڏي ٿو ته جيڪي سڌارا اسان آندا آهن انهيءَ مطابق اليڪشن ٿيڻ گهرجي هن چيو ته مودي جي خلاف هر جمعي تي نڪرڻ جو اعلان ڪندڙ هاڻي ڪٿي آهي، حڪومت جي ڪمزور پاليسين جي ڪري اڌ ڪشمير هٿ مان نڪري چڪو آهي، هن چيو ته بجيٽ ۾ عوام تي جيڪو بار وڌو ويو اهو به سڀني جي سامهون آهن مهانگائي سبب غريب پريشان آهن پلوشا خان چيو ته ايٽمي پروگرام ۽ ڪشمير تي ڪائي سوديبازي نه ڪرڻ ڏينداسين ڪشمير تي حڪومت جون ڄنگهون ڏڪن ٿيون حڪومت وٽ نظرياتي ماڻهو نه آهن هن چيو ته ذلفي بخاري بلاول ڀٽو زرداري کي ڏنو اخبار کي نوٽيس ڏي ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها هن چيو ته وزيراعظم پاران اسرائيل جي ساراهه ڪرڻ فلسطين سان غداري آهي سڄي قوم فلسطين سان گڏ بيٺي آهي ايٽمي پروگرام جو دفاع ڪنداسين. هن چيو ته حڪومت جي قول ۽ فعل ۾ فرق آهي هڪ طرف وزيراعظم اپوزيشنس ان ڳالهين جي ڳالهه ڪري ٿو ته ٻئي پاسي ڪشمير اليڪشن چورائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي هن چيو ته وفاقي وزير ڪشمير ۾ اليڪشن مهم هلائي رهيا آهن پي ٽي آئي ۾ سياسي ميچورٽي نه اهي هنچيو ته قومي سلامتي ڪميٽي ۾ وزيراعظم کي موجود هجڻ گهرجي ها.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *