عمران خان جا چانس ففٽي ففٽي آھن، رھي به سگھي ٿو وڃي به سگھي ٿو: منظور وساڻ

ڪنب (م.ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته سليڪٽڊ حڪومت ناڪام ٿي چڪي آھي،  پيپلز پارٽي سليڪٽڊ خلاف تحريڪ شروع ڪرڻ وڃي پئي، ڪنب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي ڪنھن به اسٽبلشمينٽ جي اشاري تي نه آھي نه وري ڪنھن جي چوڻ تي تحريڪ روڪي ويندي، سليڪٽڊ حڪومت مھانگائي مٿان مھانگائي ڪري نااھلي جو ثبوت ڏنو آھي، ملڪي تاريخ ۾ پئٽرول جون قيمتون ڪڏھن ايتريون نه آھن وڌيون، هن چيو ته صحافي محسن بيگ کي تذليل ڪري کيس تشدد ڪرڻ انتھائي افسوسناڪ عمل آھي، سليڪٽڊ حڪومت صحافين کي ھراسان ڪرڻ چاھي ٿي جنھن جي مذمت ڪريون ٿا، منظور وساڻ چيو ته ملڪ جو قرض وڌي رھيو آھي، حڪومت پاران پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي دور ۾ کنيل قرض جي ادائيگي جون دانھون ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته سنڌ اندر يونيورسٽين ۽ ھاسٽلن ۾ ٿيندڙ زيادتين جي مزمت ڪريون ٿا، سنڌ حڪومت ان تي تحرڪ ورتو آھي، پيپلز پارٽي جي ليڊر به نياڻي ھئي، نياڻين جو احترام آھي نياڻين ۽ شاگردياڻين سان زيادتي برداشت نه ڪنداسين، هن چيو ته فيبروري ۽ مارچ اھم آھن ڪجهه ايندا ۽ ڪجهه ويندا، عمران جا چانس ڦڦٽي ڦڦٽي آھن، رھي به سگھي ٿو وڃي به سگھي ٿو، هن چيو ته ملڪ اندر بجلي گئس ۽ ٻين شين جو قيمتون وڌائي عوام کي پريشان ڪيو ويو آھي، بجلي مھانگي ھجڻ سبب ڪيترائي ماڻھو بجلي ٻاري نٿا سگھن ان لاءِ ھڪ ھزار سولر پليٽون ۽ پکا ڪوٽڏيجي تعلقي اندر تقسيم ڪيا پيا وڃن،

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *