عمران خان اسلام آباد کي لاڪ ڊائون ڪرڻ جو چيو، اتان جي شهرين جا حق به آهن: اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو) خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري موڪلي آهي، وزيراعظم نومبر ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته عمران خان اسلام آباد کي لاڪ ڊائون ڪرڻ جو چيو هو، اسلام آباد جي شهرين جا حق به آهن، عدالتاحتجاج جي لاءِ هڪ خاص هنڌ مقرر ڪيو آهي، سڀاڻي ڪابينا ۾ بل پيش ڪيو ويندو، جنهن ۾ پاناما تي قانون سازي به شامل هوندي، بل ۾ پاناما ۽ بهاماس سميت 9 معاملا شامل هوندا، بل تحت ايف بي آر پرڏيهي وزارت کان پرڏيهي ڪمپنين جي ڄاڻ وٺي سگھندي، بل تحت پرڏيهي ڪمپنيءَ جا عملدار ايس اي سي پي کي جواب ڏيندي، بل ڪمپنيءَ جي مالڪن ۽ شيئر هولڊرن کي به گھيري ۾ آڻيندي، اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ پرڏيهي ڪمپنين جا مالڪ ايس اي سي پي ۾ رجسٽرڊ ٿيندا، ايس اي سي پي پرڏيهي ڪمپنين جي مالڪن، شيئر هولڊرن کان جواب طلب ڪري سگھي ٿي. پرڏيهي ڪمپنين کي قانون جي دائري ۾ آڻينداسين، بل سان ايس اي سي پي جي قانون جي ڪم واري دائري ۾ واڌ ٿيندي.ڪمپنين جي 100 سيڪڙو ضم ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن اجازت جي ضرورت نه پوندي، بل ۾ فيبروري زون ڪمپنينن بابت شق به شامل ڪيا ويا آهن، بل ۾ زراعت بابت قانون سازي به شامل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *