عبيره قتل ڪيس، اسلام پوره جو ڊي ايس پي مهر ممتاز جاچ ڪندو

لاهور(م ڊ)لاهور ۾ ماڊل گرل عبيره جي موت وارو معاملو اڃان تائين حل ناهي ٿي سگهيو مقتولا جي لاش جو 12 ڏينهن تائين پوسٽ مارٽم ئي نه ڪيو ويو ماڊلنگ جو شوق رکندڙ 22 سالا مقتولا عبيره جي لاش جو پوسٽ مارٽم 12 ڏينهن تائين نه ڪيو يوو سستي هئي يا ڪو ٻيو سبب جاچ ۾ دير جو سبب ضرور بڻجيويو ايس ايس پي انويسيگيشن راڻا اياز سليم جاچ آفيسر محمد جاويد ۽ انچارج اڪمل کي معطل ڪري ڇڏيو ڪيس جي جاچ هاڻ ڊي ايس پي رينڪ جو آفيسر ڪندو، هاڻ هي جاچ اسلام پوره جو ڊي ايس پي مهر ممتاز ڪندو ڪيس جي ڪاپي ان جي حوالي ڪئي وئي آهي عبيره جي لاش جي قبر ڪشائي جو اڃان فيصلو سامهون ناهي آيو لاش کي ايڌي طرفان مياڻي صاحب قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *