طالبان سرحد کي تسليم نٿا ڪن ته اسان اڳتي ڇو پيا وڌون: پيپلز پارٽي

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي چيئرمين سينيٽ رضا رباني چيو آهي ته طالبان پاڪ فوج کي افغان سرحد تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ کان روڪي ڇڏيو اهي سرحد کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن اسان ڇو اڳوتي وڌي رهيا آهيون پارليامينٽ جيستائين اصل جڙ کي پڪڙي ان جي حل لاءِ ڪوششون نه ڪندي اهڙا واقعا مستقبل ۾ به ٿيندا رهندا چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي رضا رباني چيو ته جڏهن رياست کي ضرورت هجي ته پارليمان کي استعمال ڪيو وڃي ٿو اسان طالبان جي حمايت ته ڪري رهيا آهيون پر ڪوئي ان تي ڳالهه نٿو ڪري ته افغانستان ۾ طالبان جي موجودگي تي رياست جي پاليسي افغانستان طرف درست آهي يا نه رضا رباني چيو ته ڇا پرڏيهي وزير ايوان ۾ اچي ٻڌائڻ پسند ڪندو ته افغان سرحد تي خاردار تار لڳائڻ کان پاڪ فوج کي روڪيو ويو اهي سرحد کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ته اسان اڳتي ڇو وڌي رهيا آهيون بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي گروپ افغانستان ۾ ٻيهر فعال ٿي رهيا آهن جنهن سان پاڪستان ۾ دهشتگردي وڌندي تحريڪ طالبان پاڪستان سان جنگبندي جو حوالو ڏيندي رضا رباني چيو ته رياست کي ٻڌائڻو پوندو ته ڪهرن شرطن تي جنگبندي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو رياست جي ادارن ۽ خاص ڪري پارليامينٽ کي ڄاڻي واڻي غير فعال ڪيو پيو وڃي رضا رباني چيو تهر ياست وڌيڪ ڳجهن معاهدن جي سٽ نٿي سگهي سگهي نيشنل ايڪشن پلان تي پارليامينٽ ۾ ٻيهر بحث ڪيو وڃي هن چيو ته  ضياءالحق جي امريڪت ۾ جيڪي ماڻهو متبادل بيانيي کي جنم ڏيندا هئا رياستي پاليسي تحت ان سوچ کي ختم ڪيو ويو پاڪستان جي رياست جو مطلب حڪومت ۽ فوجي بيورو ڪريسي آهي پارليمان ۾ ويٺل ماڻهو نه آهن پنهنجي سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ رياست مذهب جو استعمال ڪيو هن چيو تهمنهنجي ثقافت عربي ثقافت نه آهي منهنجي ثقافت سنڌو ماٿري واري ثقافت آهي مان هڪ اهڙي معاشري ۾ اک کولي جتي هڪ استاد کي يونيورسٽي ۾ آزادي حاصل ناهي ٿيندي عوام کي سياسي اختلاف جو حق حاصل نه آهي جيڪڏهن جج ان جي خلاف فيصلو لکي ٿو ته رياست ان کي نشانو بڻائي ٿي. اڳوني سينيٽ چيئرمين چيو ته ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو رياست انهن کي اهڙي هنڌ لڪائي ڇڏي ٿي جتي انهن جو پتو پوڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو شدت پسند گروپن ڪراچي، لاهور، پشاور، سوات، مالاڪنڊ ۾ متبادل عدالتون ٺاهيون پر رياست چپ رهي هن چيو ته عسڪري گروپن رياست جي حق کي ٽوٽا ٽوٽا ڪري ڇڏيو پر رياست خاموش تماشائي بڻجي بيٺي رهي جڏهن اهڙي رياست هجي ته اوهان ڪيئن چوندا ته عسڪريت پسندي اڳتي نه وڌندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *