صنعتن جي قيام سان صوبي ۾ روزگار جا موقعا ميسر ٿيندا: بلاول زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) واپار، صنعت، گڏيل رابطن واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بلاول هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات جي دوران صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگي بابت آگاھ ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي صوبي ۾ صنعتي ترقي جي اُپائن کي ساراهيندي کيس صنعتي زونز جي انفرااسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ ۽ سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ انڊسٽريل زونز قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صنعتن جي قيام سان صوبي ۾ صوبي ۾ روزگار جا موقعا ميسر ٿيندا ۽ صوبي ۾ خوشحالي ايندي ملاقات جي دوران بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ٻنهين اڳواڻن ۾ ڳالھ ٻولھ ٿي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبائي وزير ڄام ڪرام الله ڌاريجو کي بدلدياتي چونڊن جي ڀرپور تياري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي يقين ڏياريو ته انشاءَ الله بلدياتي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ڀرپور اڪثريت سان سرخرو ٿيندي هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ جي صنعتي زونز ۾ هڪ ارب روپين کان وڌيڪ جي لاڳت جي ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي ۽ صنعتي زونز جي تڪميل سان هاڪاري تبديلي ڏسڻ ۾ ايندي. ملاقات ۾ سنڌ جي خاص ڪري ضلعي گھوٽڪي جي سياست تي خيالن جي ڏي وٺ ٿئي.   

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *