شوڪت ترين سان معاشي ماهرن ۽ حڪومتي اڳواڻن جون اهم ملاقاتون، ايندڙ بجيٽ ۾ به ڳچ رقم رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي جي سيفران بابت قائمه ڪميٽي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ايران بارڊر مارڪيت نٿو بنائڻ چاهي افغانستان سان بارڊر مارڪيٽون ٺاهيون وينديون ايران تي عالمي پابندين سبب سڌو واپار نٿو ڪري سگهجي جڏهن ته ڪميٽي ڪامرس صلاحڪار عبدالرزاق دائود کي افغانستان ۽ ايران بارڊر تي ننڍا بارڊرز پوائنٽ نه کولڻ جو ذميوار قرار ڏيئي ڇڏيو. ڪامرس صلاحڪار عبدالرزاق دائود افغانستان سان بارڊر پوائنٽس نٿو کولڻ چاهي اڳوڻي فاٽا جي علائقن ۾ گئس جي سپلاءِ لاءِ 28 ارب رپيا گهربل آهن ڪي پي ڪي حڪومت فنڊ ڏيندي ته ڪم شروع ڪنداسين ڪميٽي افغانستان ۽ ايران جا بارڊر پوائنٽس نه کولڻ تي پرڏيهي وزارت، گهرو، ڪامرس ۽ ايف بي آر جي عملدارن کي طلب ڪري ورتو اربع تي قومي اسيمبيل جي سيفران بابت قائمه ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين ساجد خان جي سربراهي ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو ڪميٽي ۾ ميمبر ساجد احمد، گلداد خان، گل ظفر خان، محمد اقبال خان، عبدالسڪور شاد، عاليه حمزه ملڪ، شاهين ناز، سيف الله، محمد افضل کوکر، عائشه رجب علي، محمد جماالدين ۽ آغا حسين بلوچ شرڪت ڪئي ڪميٽي ۾ سيفران وزارت صاحبزاده محبوب سلطان سيڪريٽري سيفران، گهرو وزارت جا عملدار، پيٽروليم جا عملدار شريڪ ٿيا گهرو وزارت جي عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڪنڙ سان پاڪستاني بارڊر 2007 کان بند آهي سيڪيورٽي جا مسئلا آهن، هتي جانورن جي اسمگلنگ ٿي رهي هئي. ايران سان نئون بارڊر کوليو آهي پر انفرااسٽريڪچر موجود نه آهي افغانستان سان وڌيڪ بارڊر کولڻ کان اڳ پرڏيهي وزارت کان راءِ ورتي وڃي ڇو ته افغانستان مان پرڏيهي فوج نڪري وئي آهي،. گورسل ۽ نواپاس بارڊر پوائنٽ کولڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي سيڪيورٽي جي صورتحال ٺيڪ ٿئي ٿي ته کولي ڇڏينداسين ڪميٽي ميمبر گلداد خان چيو ته نوان پاس سينٽرل ايشيا سان واپار جو اهم رستو آهي 2007 تائين ان تي واپار ٿيندو هو ان رستي جي تاريخي اهميت آهي فاتحه هن رستي سان آيا ان سان پوري پاڪستان کي فائدو ٿيندو بارڊر تي هڪ گيٽ لڳايو وڃي ۽ باقي ڪنڊيدار تار لڳائي وڃي پرڏيهي فوج جي واپس وڃڻ کان پوءِ ان جا اثر سڄي پاڪستان ۾ٿيندا. ساجد خان چيو ته ڪامرس وزارت ان ۾ دلچسپي نه پئي وٺي فاٽا جي بارڊر تي دلچسپي نه پئي ورتي وڃي گورسل بارڊر لاءِ 40 ڪلوميٽر جو بارڊر تائين رستو ٺاهيو پيو وڃي مهمند جو ماربل سڄي دنيا ۾ ايڪسپورٽ ٿي سگهي ٿو گهرو وزارت جي عملدارن ٻڌايو ته ايندڙ اجلاس ۾ وزارت ڪامرس، پرڏيهي وزارت ۽ ايف بي آر جي عملدارن کي ڪميٽي ۾ هن مسئلي تي طلب ڪيو وڃي آغا حسن بلوچ چيو ته بلوچستان ۾ روزگار جا موقعا نه آهن رڳو هڪ ئي روزگار آهي اهو بارڊر تي واپار آهي بارڊر بند ٿيڻ سان ماڻهو سخت ڏکيائين کي منهن ڏين ٿا بارڊر بند ڪرڻ مسئلن جو حل نه اهي پناهگيرن جي حوالي مسئلا جلد حل ڪيا وڃن ته جيئن اهي افغانستان واپس وڃڻ عبدالرزاق دائود کي بلوچستان جي حوالي سان ٽڪي جي به ڄاڻ نه آهي مند بارڊر تي پاڪستان طرفان ڪجهه نه آهي ايران طرف سموريون سهولتون موجود آهن. پيٽروليم وزارت جي عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته اڳوني فاٽا ۾ گئس جي سپلاءِ لاءِ 28 ارب رپيا گهربل آهن جيڪي صوبي ڪي پي ڪي طرفان فنڊ ملي وڃن ته ان تي ڪم شروع ڪنداسين ڪميٽي صوبي جي چيف سيڪريٽري ڪي پي ڪي کي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *