شورڪوٽ۾ شگر مل جو بوائلر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، 8 مزدور اجل جو شڪار

جهنگ (اي پي پي) پنجاب جي شورڪوٽ شهر ۾ ڪينٽومينٽ روڊ تي واقع شگر مل ۾ بوائلر ڦاٽڻ سبب 8 مزدور اجل جو شڪار ۽ 20 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ٽيمن موجب بوائلر ۾ ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن مزدور ان کي صاف ڪري هلائڻ ۾ مصروف هئا. ڌماڪي ۾ 8 مزدورن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. جڏهن ته سڙي زخمي ٿيل 20 مزدورن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. اسپتال ذريعن موجب زخمين ۾ وڌيڪ مزدور ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آهن جن جو 70 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي.پنجاب جي وڏي وزير ميان محمد شهباز شريف شورڪوٽ ۾ شگر فيڪٽري ۾ بوائلر ڦاٽڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي فوت ٿي ويل مزدورن جي ڏکويل ڪٽنبن سان تعزيت ڪئي آهي. جاري بيان ۾ وڏي وزير بوائلر ڦاٽڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ڌماڪي ۾ فوت ۽ زخم ٿي ويل مزدورن جي ڪٽنبن سان همدردي جو اظهار ڪيو. جڏهن ته وڏي وزير لاڳاپيل عملدارن کي ڌماڪي بابت وڌيڪ جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *