شرڌا ڪپور تعليم اڌ ۾ ڇڏي بالي ووڊ پهچي وئي، گريجويئشن ضرور ڪندس: شرڌا ڪپور

 

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور تعليم اڌ ۾ ڇڏي بالي ووڊ پهچي وئي، سڀاڻي هو نئين فلم ”ڇڇوري“ ۾ نظر ايندي.مزاحيا اداڪار شڪتي ڪپور جي ڪڪي آمريڪا جي بوسٽن ڪاليج مان گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ داخل ٿيل آهي، شرڌا ڪپور پنهنجي نئين فلم ”ڇڇوري“ جي سڀاڻي کان ٿيندڙ نمائش سبب واپس ممبئي پهچي وئي. ڇڇوري ۾ شرڌا ڪپور سشانت سنگهه راجپوت جي هيروئن بڻي آهي جڏهن ته فلم جي ڪاميابي سندس ڪيريئر لاءِ اهم بڻيل آهي. ان حوالي سان شرڌا ڪپور جو چوڻ آهي ته تعليم بدران فلم انڊسٽري کي وقت ڏيڻ چاهيان ٿي ڇاڪاڻ ته اهو ئي منهنجو ڪيريئر آهي. هن چيو ته مون چاهيو پئي ته پهرين پنهنجي پڙهائي مڪمل ڪريان پر مون کي ايتريون ته آڇون ٿي رهيون هيون جو منهنجي لاءِ مشڪل بڻجي ويو هو. شرڌا ڪپور چيو ته هو گريجويئشن ضرور ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *