شريف ڪٽنب تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ بابت ريفرنسن جي ٻڌڻي آڄ ٿيندي، 50 ڄڻن کي اچڻ اجازت هوندي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس پٽن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ بابت ريفرنسن جي ٻڌڻي آڄ ٿيندي. احتساب عدالت شريف ڪٽنب ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي ڪيسن جي ٻڌڻي جي موقعي تي نيب جوابدارن ۽ ميڊيا جي ڪورٽ روم ۾ نمائندن جو انگ مقرر ڪري ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب اڄ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي تي عدالت نيب جوابدارن ۽ ميڊيا جي ڪورٽ روم ۾ نمائندن جو انگ مقرر ڪري ڇڏيو جنهن موجب 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي عدالت ۾ اچڻ جي اجازت نه هوندي. نيب، جوابدارن ۽ صحافين مان 15-15 ڄڻن جي فهرست طلب ڪئي وئي آهي جڏهن ته 5 سيڪيورٽي اهلڪارن کي عدالت جي ڪمري ۾ اچڻ جي اجازت هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *