شريفن نه بجلي ڏني نه پاڻي، قرض ٻيڻو ڪري ڇڏيو، پنجاب جو قلعو فتح ڪبو: آصف زرداري

جهنگ (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو  آهي جهڙي طرح پرويز مشرف کي گهر موڪليو ويو اهڙي طرح نواز شريف کي به موڪلينداسين ميان صاحب توهان گهر نه ويندو پر ڪنهن ٻئي گهر ويندو، مديني هليا وڃو يا وري توهان کي لانڍي جيل ۾ ٻيهر کاڌو پهچائڻ لاءِ تيار آهيون پنجاب، بلوچستان، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي کي شريف ڀائرن کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين جيستائين شريف ڀائرن کي نالو نشان نه مٽائينداسين انهن جي پويان لڳل رهنداسين. جمعي تي شاهه جيواڻي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته اسان مخدوم فيصل صالح حيات کي ٻيهر پ پ ۽ پنهنجي خاندان ۾ واپس اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا ۽ مبارڪون ڏيون ٿا اسان جي فيصل صالح حيات کي درخواست تي آهي ته هو اسان جي وائيس چيئرمين شپ منظور ڪري ۽ اسان سان گڏ هلي. آصف علي زرداري چيو ته هن ڀيري اسان پنجاب جو قلعو فتح ڪنداسين. هن چيو ته آر اوز اليڪشن کي ظاهر ڪيو مخدوم فيصل صالح حيات اليڪشن اسان جي نه هئي ۽ کيس آر اوز هارايو جڏهن ته اسان کي به آر اوز هارايو آهي. هن چيو ته آر اوز ڌرتي ۽ قوم سان ڇا ڪيو آهي؟ هتي نه پاڻي آهي ۽ نه وري بجلي، قرض ٻيڻو ٿي چڪو آهي. هن عوام سان توهان ڇا ڪيو آهي؟ عوام خاطر اسان کي جيئڻو به آهي ۽ مرڻو به آهي هن چيو ته پ پ هزارن شهيدن جي غم کي سيني کان لڳائي کپي کپي پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي به دفن ڪيو آهي شاهنواز شهيد کي به دفن ڪيو آهي مرتضيٰ ڀٽو کي به دفن ڪيو آهي ب ب شهيد کي به دفن ڪيو آهي ان جي باوجود اسان اچيو آهي ته پاڪستان کپي، اسان پاڪستاني آهيون ۽ اسان کي ئي پاڪستان کي هلائڻو آهي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي گو نواز گو جو ٺهراءُ منظور ڪيو آهي، آصف علي زرداري چيو ته شاهه جيوانا جي ڌرتي تي چئي رهيو آهيان ته پنجاب، بلوچستان، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي کي ميان صاحب کان نجات گهرجي، ميان صاحب توهان کي ڪم نه ٿو ٿئي توهان مديني هليا وڃو يا وري توهان لانڍي جيل ۾ ٻيهر کاڌي کائڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. پاناما ڪيس جي فيصلي تي آصف علي زرداري چيو ته پاناما جو ائين ئي ڪرڻو هو ته اها هڪ هفتي جي ڳالهه هئي ايتري دير ڇو ڪئي وئي، ميان صاحب اسان هر طرف کان توهان جي پويان لڳل آهيون، جيستائين توهان جو نالو نشان نه مٽائينداسين توهان جو پيڇو نه ڇڏينداسين، ميان صاحب توهان جي خلاف هي منهنجو پهريون جلسو آهي. ابهي تو ابتداءِ عشق هي آگي ديڪهين هوتا هي ڪيا .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *