شاهه رخ خان فلم“رئيس” کان تنگ اچي ويو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان جڏهن کان فلم“رئيس”۾ گينگسٽر جو ڪردار ادا ڪيو آهي تڏهن کان ماڻهن ان جي ڪردار کان متاثر آهن اڪثر تقريبن ۾ ڪنگ خان لاءِ“گينگسٽر” جان نعرا لڳندا آهن ته جئين شاهه رخ پاڻ کي گينگسٽر سڏرائڻ  بلڪل پسند ناهي. جڏهن ته هلندڙ ڏينهن ۾ ممبئي ۾ رکيل تقريب ۾ شاهه  رخ خان سميت ٻين اداڪارن رنبير ڪپور ،انوشڪا شرما، عاليه ڀٽ، رنوير سنگه، رتيش ديش مکهه ، بپي لهري، سشميتا سين، سري ديوي، رشي ڪپور شرڪت ڪئي ۽ تقريب کي چار  چند لڳائي ڇڏيا. جڏهن شاهه رخ  خان اسٽيج تي آيو ته ماڻهن رئيس جا نعرا لڳائڻ شروع ڪيا جڏهن شور هد کان وڌيڻ لڳو ته ڪنگ خان تقريب ۾ موجود ڪيترن ماڻهن کي مخاطب ڪندي چيو ته “ مان صرف هڪ ڳالهه چوڻ ٿو چاهيان ته مان فلم رئيس ۾ هڪ گينگسٽر جو ڪردار ادا ڪيو هو.اهو صرف هڪ ڪردار هو، پر ڪسٽم وارن مونکي سنجيده نه وٺن، هو هڪ اسمگلر هو ۽ مونکي ائين لڳي رهيو آهي ته اهو سٺو نه هئو، هن وڌيڪ چيو ته مان ڏاڙهي رکندو آهي ته گينگسٽر ۽ اسمگلر جيهڙو نظر ايندو آهيان پر اصل حقيقت ۾ گينگسٽر ناهيان، فلم رئيس ۾ شاهه رخ خان هڪ گينگسٽر جي روپ ۾ نظر  آيو هو هو، شاهه رخ خان جي مداحن کي هي منفرد روپ بي  حدف پسند آيو هو، “ رئيس ” ۾ ڪنگ خان سان گڏ پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان به مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *