شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڀارتي اداڪارا جوهي چاولا ڪراچي پهچي وئي

ڪراچي( شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا جوهي چاولا نجي دوري تي ڪراچي پهچي وئي آهي.هميشا جيان پنهنجو پاڻ کي ميڊيا کان پري رکندڙ بالي ووڊ اداڪارا ايئرپورٽ کان سڌو پنهنجي مامي مشهور فلم اسٽار ستيش آنند جي ڪٽنب سان گڏ کين گهر رواني ٿي وئي.جوهي چاولا هڪ هفتو ڪراچي ۾ رهندي ۽ پنهنجي مائٽن جي شادي تقريب ۾ شامل ٿيندي.ياد رهي ته جوهي چاولا انهيءَ کان پهرين 3 ڀيرا پاڪستان آئي آهي،پر نجي تقريب کانسواءِ ڪنهن به تقريب ۾ شامل ناهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *