سپر ماڊل ۽ اداڪاره آمنه الياس پاڪستاني فلمن جو مستقبل روشن قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (شوبز نيوز) سپر ماڊل ۽ اداڪاره آمنه الياس پاڪستاني فلمن جو مستقبل روشن قرار ڏئي ڇڏيو. جاندار ڪهاڻي، مضبوط ڊائلاگ ۽ /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 24

بهترين موسيقي ذريعي فلم کي پاڪستان سان گڏ انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ به نمايان ڪري سگهجي ٿو. شوبز ويب سائيٽ سان ڳالهائيندي آمنه الياس جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ٽيلنٽ جي کوٽ ناهي پر نوجوان فنڪارن ۽ ٽينڪنيڪل ماڻهن کي بهتر موقعا فراهم ڪرڻ لازمي آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ترقي ڪندڙ شوبز انڊسٽريز نوجوانن کي ترجيح ڏني، پاڪستاني فلم انڊسٽري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ به نوجوان نسل کي اڳتي آڻڻو پوندو.

سڄي دنيا جي ترقي ڪندڙ فلم انڊسٽريز جو جائزو ورتو وڃي ته ان جي ترقي ۾ سڀ کان اهم ڪردار نوجوانن جو آهي، مان ان ڳالهه کان بلڪل انڪار نه ٿي ڪريان ته سينيئرز جو ڪردار نهايت اهم آهي. هن چيو ته هن وقت پاڪستاني فلم انڊسٽري ڏکئي وقت مان گذري رهي آهي پر مون پاڪستاني انڊسٽري جو مستقبل روشن نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته وسيلن جي گهڻي کوٽ باوجود اسان معياري ڪم ڪري رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *