سپريم ڪورٽ پ پ ايم اين اي اعجاز جکراڻي جي نااهلي لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي اعجاز جکراني جي نااهلي لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، اين اي 208 تان چونڊيل ايم اين اي اعجاز جکراني جي نااهلي لاءِ سندس مخالف اميدوار مسلم ليگ (ن) جي الاهي بخش سومري سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي،عدالت اڄ ٻڌڻي ڪندي اها درخواست رد ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته تصديق ٿيل ووٽ نقلي ناهن، جڏهن ته ڌانڌلي جو الزام مڙهيندڙ جي اها ذميواري آهي ته هو ثبوت به پيش ڪري، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ پهرين ئي اهو معاملو طئه ڪري چڪي آهي، جسٽس ثاقب نثار ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٽربيونل ۾ چونڊ اپيل داخل ڪرڻ کانپوءِ ترميم نه ٿي ڪري سگهجي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ ايندڙ چونڊن لاءِ گهڻيون شيون طئي ڪري ڇڏيون آهن ۽ عدالت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *