سپريم ڪورٽ مڪاني چونڊن جو نظرثاني شيڊول به رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ مڪاني چونڊن جو نظرثاني شيڊول رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي آئين نافذ ناهي ڪرڻو ته ٻڌائي ڇڏي خميس تي جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ ڪنٽومينٽ ايريا ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان وزيراعظم جي خلاف توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌني شروع ٿيڻ تي اٽارني جنرل سلمان اسلم بٽ مڪاني چونڊن بابت نظرثاني ٿيل اليڪشن شيڊول پيش ڪيو شيڊول مطابق ڪنٽومينٽ بورڊ ۾ مڪاني چونڊون 25 اپريل جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ 7 جون تي بلدياتي چونڊون ٿينديون شيڊول تحت سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ٽن مرحلن ۾ ٿينديون پهرين مرحلي ۾ مڪاني چونڊون 3 سيپٽمبر جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ مڪاني چونڊون 4 نومبر تي ٿينديون جسٽس جواد ايس خواجه نظرثاني ٿيل شيڊول تي تحفظات جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ ٽن مرحلن ۾ بلدياتي چونڊن جو ڇا مطلب آهي آخر هي احسان ڪنهن تي ٿي رهيو آهي جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي نمائندي چيو ته ان کي ان جي خبر نه آهي کيس ته چيو ويو ته پيش ٿي وڃو ۽ هو عدالت آڏو حاضر ٿي ويو اليڪشن ڪميشن جي نمائندي جي جواب تي جسٽس جواد ايس خواجه ڪاوڙ ڪندي چيو ته عدالت سان مذاق ڪري رهيا آهيو جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن کي آئين نافذ ناهي ڪرڻو ته ٻڌائي ڇڏي جيڪڏهن سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن نه ايندو ته ڇا اليڪشن ڪميشن کي تالو لڳي ويندو اسان کي اهڙو ماڻهو نه گهرجي جنهن کي ڪا خبر ئي نه هجي بيشڪ نائب قاصد اماڻيو پر هي ٻڌايو ته ٽن مرحلن جو ڇا مطلب آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *