سيوهڻ شريف: قلندر جا وڌيڪ 4 پانڌيئڙا فوت، انگ 17 ٿي ويو

سيوهڻ شريف (رپورٽر) سيوهڻ شريف ۾ حضرت لال شهباز قلندر جي عرس ۾ ايندڙ عقيدت مندن مان وڌيڪ 4 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.سخت گرمي سبب عرس جي ٻن ڏينهن دوران لڳ ڀڳ مارجي ويندڙن جو انگ 17 ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن کان 3 ڏينهن جي عرس مبارڪ جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ سخت گرمي سبب 10 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي چڪا هئا ۽ گذريل ڏينهن 4 ڄڻا ٻيا به سخت گرمي سبب ابدي ننڊ سمهي پيا.مارجي ويندڙن پانڌيئڙن جو تعلق پنجاب جي مختلف علائقن سان هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *