سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اميدوارن جو اعلان 48 ڪلاڪن ۾ ٿي ويندو: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير سنيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته چيئرمين سينيٽ ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اميدوارن جو اعلان ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ٿي ويندو. حڪومت وٽ سڀ آپشنز کليل آهن سياسي جماعتن سان مشاورت کانپوءِ حتمي اميدوار جو فيصلو ڪيو ويندو. خانگي ٽي وي مطابق سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته چيئرمين سينيٽ لاءِ پنهنجو پنهنجو اميدوار هوندو يا اتفاق راءِ سان بنا مقابلي چونڊ ٿيندي. حڪومت ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ حتمي فيصلو ڪندي. هن چيو ته سڀ آپشنز کليل آهن پر حڪومت جي خواهش آهي ته يڪراءِ سان چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ آندو وڃي. هن چيو ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ لاءِ سياسي جماعتن سان رابطن جو پهريون رائونڊ جاري آهي. سياسي جماعتن سان رابطو ڪري هڪ ٻئي جو موقف ٻڌو پيو وڃي. جڏهن ته ان ڏس ۾ مشاورت سومر تي به جاري رهندي ۽ اڱاري ڏينهن حڪومت ان پوزيشن ۾ هوندي ته ٻڌائي سگهي ته پنهنجا پنهنجا اميدوار اچي رهيا آهن يا بنا مقابلي اتفاق راءِ سان چونڊ عمل ۾ آندي پئي وڃي. پرويز رشيد چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان  ڊيل تي يقين رکي ٿو ۽ هو جمهوري هيٺانهين جي شفاف طريقين کي سمجهڻ کان قاصر آهي، عمران خان جي بيان تي ردعمل عمران خان جي ان بيان مان خبر پئي ٿي ته ان ۾ سياسي شعور ۽ بالغ نظري جي گهڻي قدر کوٽ آهي، پنهنجي هڪ الڳ بيان ۾ پرويز رشيد چيو آهي ته ن ليگ سياسي پارٽين سان مشاورت کانپوءِ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيرئين سينيٽ جي نالن کي حتمي شڪل ڏيندي، اڃان تائين انهن عهدن لاءِ ڪنهن اميدوار جو فيصلو ناهي ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *