سينيٽ چيئرمين انٽرا انسٽيٽيوشنل ڊائلاگ شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين رضا رباني پاناما فيصلي کانپوءِ پيدا ٿيل سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پارليامينٽ جي ڪردار تي بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ملڪ ادارن ۾ تڪرار برداشت نٿو ڪري سگهي، تنهن ڪري ادارن وچ ۾ تڪرار نه پر ڊائلاگ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ آهي ته پارليامينٽ کي اختيار ڏيڻ لاءِ ڪميٽي آف هول جي تحريڪ تيار ٿيڻ گهرجي، ٺوس تجويزون اچڻ تائين سينيٽ جي هول ڪميٽي جا اجلاس ٿيندا. هن چيو ته اهو حڪومت يا اپوزيشن نه پر سڄي ايوان جو معاملو آهي، ادارن ۾ ٽڪر مناسب ناهي، عدليا، فوج ۽ حڪومت وچ ۾ انٽرا انسٽيٽيوشنل ڊائلاگ ڪرايا ويندا.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *