سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ سٺي ڳالهه آهي: شهريار مهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهر يار مهر چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ هارس اسٽينڊنگ کي روڪڻ سٺي ڳالهه آهي ۽ سينيٽ چونڊن لاءِ نوازليگ ميمبرن سان ڳالهيون جاري آهن. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شهر يار مهر چيو ته سڌ سماءَ واري کاتي جا  ڪيس نيب ۾ موڪلڻ يا نه موڪلڻ بابت سنڌ سرڪار پاران جواب نه پيو ملي. هن چيو ته سينيٽ چونڊن لاءِ نوازليگ ميمبرن سان ڳالهيون هلندڙ آهن ۽ نوازليگ جي ڪجهه ميمبرن کي پارٽي قيادت سان خدشا آهن. شهر يار مهر چيو ته پيپلزپارٽي جو چيئرمين ۽ شريڪ چيئرمين سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي قانون موجب ڪارروائي هلائڻ لاءِ پابند بڻائن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *