سنڌ ۾ ڪڻڪ جو امدادي اگهه 2 هزار رُپيا مڻ ۽ خريداري جو هدف هڪ ڏهائي 4 ايم ايم ٽن مقرر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي ڪابينا تفصيلي غور ويچار کانپوءِ فيصلو ڪيو آهي ته سال 21-2020 جي ڪڻڪ جي فصل جي خريداري لاءِ هدف 1.4 ايم ايم ٽن ۽ اگهه 2000 رپيا في 40 ڪلوگرام مقرر ڪيو وڃي. ڪابينا ٽيچنگ اسٽاف جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي اٽڪل 37000 استادن جي ايندڙ ٽن سالن ۾ ڀرتي ڪرڻ جي تجويز پڻ منظور ڪري ورتي. ڪابينا جو اجلاس سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير، صلاحڪار، چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه ۽ سمورن لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪڻڪ: خوراڪ کاتي جي ڪابينا کي ڄاڻ ڏني ته هن وقت کاتي وٽ 8 لک ٽن ڪڻڪ موجود آهي. کاتي 20-2019 جي فصل مان 1.236 ايم ايم ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي هئي ۽ 117000 ٽن درآمدي ڪڻڪ وفاقي حڪومت کان خريد ڪئي هئي. کاتي ڪابينا کي يقين ڏياريو ته سال 21-2020 ۾ نئين فصل جي اچڻ تائين دستياب ڪڻڪ جو ذخيرو ڪافي آهي تنهنڪري هن ڪابينا کان مطالبو ڪيو ته هوءَ خريداري جي هدف بابت فيصلو ڪري. تفصيلي غور ويچار کانپوءِ ڪابينا فيصلو ڪيو ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت 2 هزار روپيا في 40 ڪلوگرام مقرر ڪئي وڃي ۽ جيئن اڳ ئي فيصلو ڪيو ويو هو ته 1.4 ايم ايم ٽن ڪڻڪ ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندڙ سيزن ۾ خريد ڪئي ويندي. ڪابينا خوراڪ کاتي کي ڄاڻايل 80 سيڪڙو پي پي بيگز ۽ 20 سيڪڙو جوٽ بيگز بارداڻو خريد ڪرڻ جي اجازت به ڏني. ردعمل: صوبائي ڪابينا وفاقي حڪومت جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ ذخيرو ڪئي جنهن سبب اگهن ۾ واڌ ٿي. صوبائي ڪابينا جي ميمبرن ان کي بي بنياد، نامناسب ۽ حقيقت جي ابتڙ بيان قرار ڏيندي چيو ته وفاقي وزير فخر امام جو اهو بيان جيڪو هن قومي اسيمبلي جي فلور تي ڏنو جنهن ۾ هن تسليم ڪيو آهي ته 6.6 ايم ايم ٽن ڪڻڪ پنجاب مان غائب ٿي. وفاقي ڪابينا پنجاب مان ڪڻڪ جي اسمگلنگ کي مڃڻ بدران سنڌ حڪومت تي بي بنياد ۽ من گھڙت الزام لڳايا آهن جيڪي کين نٿو سونهي . ريڪروٽمينٽ پاليسي: صوبائي ڪابينا تعليم کاتي ۾ ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ عملي جي ريڪروٽمنٽ پاليسي 2021 جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ سب ڪميٽي جوڙي هئي. ڪميٽي پنهنجون سفارشون هن ريت ڪيون آهن: پي ايس ٽي لاءِ گهٽ کان گهٽ ڄاڻايل تعليمي قابليت سيڪنڊ ڊويزن ۾ گريجوئيشن هوندي.پي ايس ٽي جي پوسٽ (گريڊ 9) کي اپ گريڊ ڪندي گريڊ 14 ڪيو ويو آهي تنهن ڪري ابتدائي ڀرتي لاءِ تعليمي قابليت جي اپگريڊيشن کي نظر ۾ رکندي ان کي انٽرميڊيٽ کان گريجوئيشن ڪيو ويو آهي. پي ايس ٽي پنهنجي ملازمت ۾ پرائمري اسڪولن ۾ رهندا  تنهنڪري پي ايس ٽي کي JST / HST / SST جي پوسٽ تي ترقي ڏيڻ بدران ان جي ترقي واري ڪيريئر لاءِ سروس اسٽرڪچر بڻائي سگھجي ٿو. سينئر پرائمري اسڪول ٽيچر جي پوسٽ (گريڊ 16) ۾ آهي ۽ هيڊ / چيف پرائمري اسڪول ٽيچر جي پوسٽ گريڊ 17 جي آهي ۽ پي ايس ٽي جي پروموشن لاءِ جوڙي سگهجي ٿو. پروفيشنل ڪواليفڪيشن ايندڙ رائونڊن ۾ تعيناتي لاءِ لازمي هوندي. ٻين ٽيچنگ ڪيڊرز مثال طور ميوزڪ ٽيچر، ايس ايل ٽي، اورينٽل ٽيچر وغيره لاءِ ڀرتي جا قاعدن تي پڻ مارڪيٽ ۾ دستياب اسپيشلائزڊ ڪواليفڪيشن اولڊرز کي نظر ۾ رکندي نظرثاني ڪري سگهجي ٿي. ڪابينا سفارشن تي غور ڪرڻ کانپوءِ اصولي طور تي انهن جي منظور ڏني ۽ تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته انهيءَ بابت تفصيلي پرزنٽيشن تيار ڪري ته اهي سفارشون ڪيئن عمل ۾ آڻجن ۽ ان جا مالي اثرات ڇا هوندا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ استادن جي مختلف ڪيڊرن جون اٽڪل 37000 پوسٽون خالي آهن. ڪابينا تعليم کاتي کي اجازت ڏني ته هو (آئي بي اي سکر ذريعي) ايندڙ ٽن سالن ۾ ٽن مرحلن ۾ ڀرتيون شروع ڪري. معافي: سنڌ ڪابينا سينٽرل جيل ڪراچي ۾ عمرقيد قيدي جنيد رحمان انصاري جي معافي واري درخواست تي غور ڪيو. گهرو کاتي ڪابينا کي آگاهي ڏني ته جنيد رحمان کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي جيڪا لڳ ڀڳ 25 سال آهي. هن 16 سال 4 مهينا ۽ 16 ڏينهن جي سزا مڪمل ڪئي آهي ۽ هن 5 سال 11 مهين ۽ 25 ڏينهن جي معافي جي درخواست ڪئي آهي جڏهن ته بچيل عرصي جي سزا  2 سال 7 مهينا ۽ 9 ڏينهن ٺهندي آهي.  تعليمي معافي 2 سال 7 مهينا ۽ 9 ڏينهن جي حساب سان ڪئي وئي آهي جيڪڏهن ڪابينا معافيءَ جي منظوري ڏئي. ڪابينا گهرو کاتي کي هدايت ڪئي ته اهڙن قيدين جي تفصيل تيار ڪري جنهن کي اهڙي ريت معافي ڏئي سگهجي ٿي. ڪابينا اهڙين قيدين جي پڻ تفصيل گهريا جيڪي پنهنجي سزا مڪمل ڪري چڪا آهن پر هيل تائين ضمانتي بانڊ جي ادائيگي نه ڪرڻ سبب جيلن ۾ رهيل آهن. وڏي وزير گهرو کاتي کي ايندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ اهي تفصيل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *