سنڌ ۾ ريسڪيو1122 شروع ڪرڻ جو اعلان، 2023 ۾ پ پ کٽيندي: وڏو وزير

لاڙڪاڻو (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شآهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي مڪاني چونڊن ايندڙ سال فيبروري يا مارچ ۾ ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي ڳڙهي خدابخش ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي ملڪ ۾ اهڙو وقت اچي ويو آهي جو گهرن ۾ ٻه وقت رڌپچاءُ به نٿو ٿئي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي اچڻ ئي نه گهرجي ها هن 2023 جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي ڪامياب ٿي حڪومت ٺاهڻ جي اڳڪٿي ڪندي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ريسڪيو 1122 جهڙي سروس شروع ڪنداسين هن چيو ته هر سال ونگر پيپلزپارٽي اڄ عام جلسي جو اهتمام ڪيو آهي، آصف زرداري جي طبيعت خراب هئڻ سبب عام جلسي ۾ شرڪت نه ڪندو عوام جي طاقت جي مدد سان آصف زرداري حڪومت ڪيرائڻ جي ڳالهه ڪئي اهي سنڌ جي وڌي وزير چيو ته آصف زرداري پاڻ ڏٺو آهي ته ماڻهو هن حڪومت کان تنگ آهن انهيءَ ڪري آصف زرداري عوام جي مدد سان هن حڪومت کي ڪيرائڻ جي ڳالهه ڪئي مرادعلي شاهه چيوت ه ملڪ ۾ اهڙو وقت اچي ويو اهي جو ماڻهن کي ٻه ويلن جي رڌ پچاءُ به مهيا نه آهي. جنوري جي پهرين هفتي ۾ سي اي سي جو اجلاس ٿيندو اليڪشن ڪميشن کي فيبروري مارچ ۾ مڪاني چوندن جي درخواست ڪئي آهي. هن چيو ته هن حڪومت کي اچڻ ئي نه گهرجي ها ايندڙ حڪومت پيپلزپارٽي جي ٺهندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *