سنڌ کي 2 سالن ۾ اين ايف سي جا 1700 ارب ڏنا، سمورا پيسا پرڏيهه منتقل ڪيا ويا: فواد چوڌري

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري هڪ دفعو ٻيهر اپوزيشن کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو اهي ته اوهان ٻڌايو ته ڪيئن اڳتي وڌون وک وک سان ملائي هلڻ لاءِ تيار آهيون، اسان جون 49 تجويزون صحيفو نه آهن ان تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، اپوزيشن عدالتي ۽ چونڊ سڌارن لاءِ پنهنجون تجويزون ڏي شهبازشريف مخالف ڌر اڳواڻ آهي، فيصلا ڪنهن ٻئي هنڌان ٿين ٿا. پهريان پاڻ اندر اتحاد آڻيون اپوزيشن ڄاڻي ٿي ته ايندڙ 5 سال به عمران خان هوندو هاڻي کان ڌانڌلي جو شور ڪري رهي آهي، اپوزيشن عمران خان تي جيتري تنقيد ڪندي ان جو گراف اڃا مٿي ويندو. ٻن سالن ۾ اربين رپيا سنڌ کي ڏنا سنڌ حڪومت ڇا ڪيو هي پئسا لنڊن، ڪينيڊا، آمريڪا پئرس ۽ دبئي ويا، اڱاري تي قومي اسيمبيل ۾ ايندڙ مالي سال 2021-22 جهي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي فواد چوڌري چيو ته هڪ دفعو ٻيهر اپوزيشن کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو اهي ته اوهان ٻڌايو ته ڪيئن اڳتي وڌون وک وک سان ملائي هلڻ لاءِ تيار آهيون، اسان جون 49 تجويزون صحيفو نه آهن ان تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، اپوزيشن عدالتي ۽ چونڊ سڌارن لاءِ پنهنجون تجويزون ڏي شهبازشريف مخالف ڌر اڳواڻ آهي، فيصلا ڪنهن ٻئي هنڌان ٿين ٿا. پهريان پاڻ اندر اتحاد آڻيون اپوزيشن ڄاڻي ٿي ته ايندڙ 5 سال به عمران خان هوندو هاڻي کان ڌانڌلي جو شور ڪري رهي آهي، اپوزيشن عمران خان تي جيتري تنقيد ڪندي ان جو گراف اڃا مٿي ويندو. ٻن سالن ۾ اربين رپيا سنڌ کي ڏنا سنڌ حڪومت ڇا ڪيو هي پئسا لنڊن، ڪينيڊا، آمريڪا پئرس ۽ دبئي ويا، اڱاري تي قومي اسيمبيل ۾ ايندڙ مالي سال 2021-22 جهي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي فواد چوڌري چيو ته بجيٽ اٽڪل 8 هزار ارب جي آهي، خسارو 3 هزار ارب جو ٿيندو. هن چيو ته 5700 ارب رپيا روينيو حاصل ڪنداسين ان جو 57 سيڪڙو صوبن ڏانهن هليو ويندو وفاقي وزير چيو ته 700 ارب رپيا پگهارن ۽ پينشن لاءِ رکيا آهن دفاع بجيٽ کي ان حساب سان ناهي وڌايو جيترو پاڙيسر ملڪ وڌايو هن چيو ته اسان 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ هن وقت قرضن جي مد ۾ ڏئي رهيا آهيون جيڪي اسان ناهن ورتا هي قرض اپوزيشن سيٽن تي ويٺل ماڻهن ورتو هو هن 2008 کان 2018 جي عرصي کي سڀ کان ڪارو دور ڪوٺيندي چيو ته هن عرصي ۾ پاڪستان تي پرڏيهي قرض 6 هزار ارب رپيا هئا اسان ان قرض سان اسلام آباد شهر آباد ڪيو، گوادر خريد ڪري ان جي مارڪيٽ ٺاهي وفاقي وزير چيو ته اسان دنيا جي پنجين سڀ کان وڏي فوج بيهاري ڇڏي اسان نيوي بيس ۽ موٽر ويز ٺاهي ورتا هن ٻڌايو ته پيپلزپارٽِ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي حڪومتي دور کان وٺي (ن) ليگ جي اڳواڻ نوازشريف جي اقتدار جي دور تائين ملڪ جو قرض 26 هزار ارب رپيا ٿي ويو فواد چوڌري ٻڌايو ته اڳوڻين حڪومتن جي فيصلي جي نتيجي ۾ موجوده حڪومت کي هر سال 2 هزار ارب رپيا قرضن جي وياج جي مد ۾ ڏيڻا پون ٿا هي قرض اپوزيشن پارٽين اقتدار دوران ملڪ تي مڙهيو هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ساهيوال ۾ ڪوئلي جو پلانٽ لڳايو ته جيئن بجلي ٺاهي سگهجي جڏهن ته ساهيوال ۾ ڪوئلو ناهي هوندو ته فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي مان ڪوئلو ٽرين ذريعي ساهيوال پهچايو ويندو ان جي رٿابندي نه ٿيڻ جي ڪري هن سڄي رستي ۾ سنگين ماحولياتي مسئلا پيدا ٿيا هن چيو ته 2008 ۾ جڏهن آصف علي زرداري صدارت جي ڪرسي تي ويٺو ۽ جڏهن نوازشريف جي حڪومت آئي تڏهن 190 ارب رپيا لازمي ادائيگي پاور پلانٽس کي ڪرڻي هئي جڏهن وزيراعظم عمران خان اقتدار سنڀاليو ته خبر پئي ته لازمي ادائيگي جو حجم 900 ارب رپين تائين وڌي ويو فواد چوڌري چيو ته 2023 جي چونڊ سال ۾ لازمي ادائيگي جي مد ۾ 1500 ارب رپيا پاور پلانٽس کي ڏنا ويندا جيڪڏهن پلانٽ لڳائڻ جون ڪهاڻيون ٻڌايون ته اپوزيشن ناراض ٿي واڪ آئوٽ ڪري وڃن ٿا ان لاءِ هو نٿو ٻڌائي هن چيو ته پاور پلانٽس مان صارف تائين بجلي فراهم ڪرڻ جي صلاحيت 24 هزار ميگاواٽ آهي فواد چوڌري چيو ته هن بجيٽ ۾ 700 ارب رپين کان وڌيڪ سنڌ حڪومت کي وڃي رهيا آهن ڪل هلندڙ سال ۾ 16 کان 18 سئو ارب رپين تائين وڃي چڪا آهن فواد چوڌري اپوزيشن پارٽين تي ٽوڪ ڪندي چيو ته مهانگائي جو نعرو هڻندڙ ايندڙ 5 سال اهڙي طرح نعرا هڻندا رهندا ۽ مان کين مشورو ڏنو ته خطاطي سکو ته جيئن هتان ويهي نعرا لکو ۽ ٻاهر وڃي احتجاج ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *