سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کي سي پي اين اي جي ميمبرن سمورين اخبارن کي بقايائون ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(پ ر): سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ حڪومت کي سي پي اين اي جي ميمبرن سمورين اخبارن کي بقايائون ادا ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو حڪم سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڊويزن بينچ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرايڊيٽرز ( سي پي اين اي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر جبار خٽڪ جي پٽيشن تي ٻڌڻيءَ بعد ڪيو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ واضع طور تي چيو آهي ته وزير اعلى سنڌ جي انسپيڪشن ٽيم 15- ڏينهن اندر سي پي اين اي جي سمورين ميمبر اخبارن کي بقايائن جي ادائگين جي تصديق ڪري. سي پي اين اي پنهجي آئيني درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته سنڌ حڪومت سرڪاري اشتهارن جي مد ۾ سي پي اين اي جي ميمبر اخبارن جون ادائگيون ڪيئي سالن کان نه ڪيون آهن جنهن ڪري اخباري ادارا شديد مالي بحران جي ور چڙهيل آهن نتيجي ۾ اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ صحافي ۽ ٻيا ورڪر پڻ شديد مالي بحران جي ور چڙهي ويا آهن. سنڌ حڪومت ڪيئي سالن کان ادائگيون نه پئي ڪري ۽ مختلف هيلا بهانا ڪري مسلسل ٽاريو پيو وڃي. واضع هُجي ته سپريم ڪورٽ به اخباري ادارن کي ادائگيون نه ڪرڻ واري معاملي جو ازخود نوٽس ورتو هو ۽ سنڌ حڪومت کي 4- هفتن اندر ادائگيون ڪرڻ جو حڪوم ڏنو هو جنهن تي به اڄ تائين عمل ٿي نه سگهيو آهي. سي پي اين اي پاران داخل درخواست جي پيروي رفيق احمد ڪلوڙ ۽ جي ايم درس ايڊووڪيٽس ڪئي، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران ايڊيٽرن ۽ اخباري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ صحافين ۽ ورڪرن جو هڪ وڏو انگ پڻ موقعي تي موجود هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *