سنڌ سرڪار خلاف سازش ۾ مشرف جو ڪو نه رول ناهي: بابر غوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده اڳواڻ بابر غوري ٽمبر مارڪيٽ باهه جي متاثرن جي بحالي لاءِ في خاندان 25 لک رپيا ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار پاران متاثرن لاءِ هڪ لک رپين جو اعلان ڪيو ويو، جيڪو سندن بحالي لاءِ ناڪافي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي متحده اڳوڻ بابر غوري چيو ته آهي ته سنڌ سرڪار خلاف سازش ۾مشرف جو ڪوبه رول ناهي، کين اپيل آهي ته عوام ۾ نفرتون نه پکيڙيون وڃن. هن چيو ته سنڌ سرڪار عوام کي ڪجهه به ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، شهري ادارن ٽمبر مارڪيٽ متاثرن سان رابطو ئي نه آهي ڪيو. بابر غوري جو چوڻ هو ته وڏو وزير اجلاس گهرائي اعلان نه ڪري، پر باهه واري هنڌ پهچي متاثرن ۾ امداد ورهائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *