ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي سومر ڏينهن سنڌ لوڪل گورنمينٽ (ترميمي)بل 2014ع اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اسميبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو سنڌ لوڪل گورنمينٽ (ترميمي) بل پيش ڪيو ويو. جيڪوايوان اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو ترميم تحت نين تڪبندين جو اختيار صوبائي حڪومت کان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان حوالي ڪيو ويو آهي.