سلمان خان جون اڪثر بلاڪ بسٽر فلمون نقل هونديون آهن: ڀارتي ميڊيا

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار سلمان خان جون اڪثر بلاڪ بسٽر فلمون مقامي ٻولين ۾ ٺهيل فلمن جي نقل هونديون آهن. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب سلمان خان جا مداح سندس نين فلمن جو انتظار ڪندا آهن ۽ کيس تمام گهڻو پسند پڻ ڪندا آهن پر کين اهو معلوم ناهي هوندو ته سندس فلمون مقامي فلمن جي نقل هونديون آهن. سلمان خان جي 1997ع ۾ رليز ٿيل فلم ”جڙوان“ تيلگو ٻولي ۾ ٺهيل فلم ”بيلو برادر“ جي نقل هئي. هدايتڪار مورالي راءِ جي 1998ع ۾ رليز ٿيل فلم ”بنڌن“ 1992ع ۾ رليز ٿيل تامل فلم جي ڪاپي هئي. 1999ع ۾ سلمان خان جي سپر هٽ فلم ”بيوي نمبر ون“ 200 ڪروڙ ڪمايا پر اها فلم پڻ تامل فلم ”ساٿي ليلاوٿي“ جي نقل هئي جيڪا 1995ع ۾ رليز ڪئي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *