سلمان خان ”بجرنگي ڀائيجان” جي پروموشن لاءِ دهلي پهچي ويو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان پنهنجي نئين فلم ”بجرنگي ڀائيجان” جي پروموشن ۾ مصروف آهي. اها فلم (سڀاڻي) رليز ٿيندي. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق سلمان خان فلم ”بجرنگي ڀائيجان” جي هدايتڪار۽ ان جي ڪاسٽ سان فلم جي پروموشن جي سلسلي ۾ دهلي پهچي ويو. هن گلوڪار ميڪا سنگهه سان گڏ” آج ڪي پارٽي ميري طرف سي” گانو ڳايو. ان موقعي تي ڪرينه ڪپور ۽ نواز الدين صديقي به موجود هئا. فلم جي هدايتڪار ڪبير خان چيو ته دهلي ۾ فلم جي پروموشن ڪرڻ سٺو لڳو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *