سعودي عرب ۾ جمعي نماز دوران مسجد ۾ خودڪش ڌماڪو، 20 ماڻهو شهيد

دبئي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سعودي عرب جي اوڀرندي علائقي ۾ جمعي نماز دوران مسجد اندر آپگهاتي بم حملي ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا. اسپتالن جي ذريعن مطابق آپگهاتي بم حملي ۾ 20 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 50 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي پيا آهن جن مان ڪيترن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. سعودي عرب جي گهرو وزارت مسجد ۾ آپگهاتي بم حملي جي تصديق ڪئي آهي. سعودي عرب جي قاتف صوبي جي شهر ڪديه ۾ علي ابن ابي طالب مسجد ۾ جمعي نماز دوران هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڌماڪي بعد فوري طور تي سعودي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو،  سعودي عرب جي خابرو اداري ايس پي اي ۾ جاني نقصان پڻ ٿيو آهي پر فوتين جو انگ نه ٻڌايو ويو آهي. ڌماڪي ۾ ڪيئي نمازي زخمي پڻ ٿي پيا آهن. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته مسجد ۾ جمعي نماز وقت تقريبن 150 ماڻهو موجود هئا، پاڪستان سعودي عرب جي اوڀرندي علائقي ۾ مسجد اندر آپگهاتي بم حملي ۾ ٿيل جاني نقصان تي سخت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.صدر ممنون حسين سعودي عرب ۾ مسجد ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن پنهنجي بيان ۾ صدر ڌماڪي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن ان افسوسناڪ واقعي تي سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان سعودي عرب سان گڏ آهي. صدر متاثر خاندانن سان به همدردي جو اظهار ڪيو آهي، وزير اعظم ميان محمد نواز شريف سعودي عرب ۾ خودڪش حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جو اسلام سان ڪو به تعلق ناهي، پرڏيهي کاتي جي ترجمان قاضي خليل الله هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام انهيءَ واقعي تي سعودي عرب جي حڪومت ۽ عوام سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن حڪومت پاڪستان ۽ ملڪ جي عوام طرفان ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن ۽ سعودي عرب جي حڪومت سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *