سعودي عرب سان دوستي نڀائڻي آهي ته ان کي جنگ کان بچائڻو پوندو: سراج الحق

اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سعودي عرب سان دوستي نڀائڻ لاءِ اسان کي ان کي جنگ کان بچائڻو پوندو ۽ جنگ ۾ 100 سيڪڙو فائدو اسرائيل کي ٿيندو قومي اسيمبلي جي گڏيل اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سراج الحق چيو ته اسان امن چاهيون ٿا ۽ امن جي صورت ۾ قرآن جو پيغام اسان وٽ آهي جنگين سان قبرستان آباد، ٻار يتيم ۽ عورتون بيواهه ٿينديون آحن هن چيو ته هٿيارن جي ڪارخانن کي هلائڻ لاءِ جنگ جي ضرورت هوندي آهي ۽ جنگ  سبب آمريڪا کي هڪ نئين منڊي ملي ويندي، سراج الحق چيو ته مسلمان ملڪن سان حڪومت جي نه پر عوام جي دوستي آهي ۽ سعودي عرب جو تحفظ اسان سڀني تي فرض آهي پاڪستان کي ان مسئلي جو حصو بڻجڻ بجاءِ ان جي حل طرف وڃڻ گهرجي، سعودي عرب سان دوستي نڀائڻ لاءِ اسان کي سعودي عرب کي جنگ کان بچائڻو پوندو ڇو ته جنگ جي صورت ۾ فائدو صرف اسرائيل کي ٿيندو اسان کي نه، سراج الحق چيو ته عراق جهڙي مضبوط ملڪ کي سازش ذريعي ٽوڙيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *