سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون فڪسنگ اسڪينڊل سامهون اچي ويو

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ڪرڪيٽ ۾ هڪ ٻيو فڪسنگ اسڪينڊل سامهون اچي ويو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل هڪ غير معروف ڪرڪيٽر اسمپٿ بيٽاراچي خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي سريلنڪا جي ۲ سينيئر رانديگرن طرفان زمبابوي جي دوري دوران هڪ غير معروف ڪرڪيٽر جي رويي تي شڪ جو اظهار ڪيو ويو جنهن کانپوءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل معاملي جي جاچ شروع ڪندي پنهنجي اينٽي ڪرپشن يونٽ کي متحرڪ ڪيو جنهن ڊريسنگ روم جي ٽوائليٽ مان هڪ ڊيوائس به حاصل ڪئي ان واقعي کي علائقائي ميڊيا ۾ ٽوائليٽ گيٽ قرار ڏنو پيو وڃي سريلنڪا ڪرڪيٽ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايشلي ڊي سلوا جو چوڻ آهي ته اسان کي ان باري ۾ ڪابه معلومات ناهي ان طرح جي جاچ آزادڻي طور تي آءِ سي سي جو اينٽي ڪرپشن يونٽ ئي ڪندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *