ساهيوال سانحو: ن ليگ جو عمران خان ۽ عثمان بوزدار کان استعيفيٰ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ن ليگ ساهيوال سانحي تي وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کان استعفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو  آهي.  قومي اسمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءَ الله چيو ته وزيراعظم ۽ وڏو وزير استعفيٰ ڏين، غيرجانبدار جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿين ۽ جيڪڏهن بي ڏوهه ثابت ٿي وڃن ته پنهنجي عهدن تي واپس اچي ڪم ڪن. راڻا ثناءَ الله جو چوڻ هو ته ساهيوال سانحي تي جي آءِ ٽي رپورٽ اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي، ڪو به شخص حڪومت جي بيوقوفاڻي ۽ جاهلاڻي موقف کي نٿو مڃي سگهي.  اسان ان ڊرامي کي رد ڪريون ٿا.  هن چيو ته ڪٺ پتلي حڪومت ڊرامو ڪري ذميوارن کي فائدو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته وزيرن مارجي ويل چئني ڄڻن کي دهشتگرد چيو، چيو ويو ته چئني جا نالا ريڊ بڪ ۾ داخل هئا.  راڻا ثناءَ الله جو چوڻ هو ته مزاحمت ۽ 2 دهشتگردن جي فرار ٿي وڃڻ جو چيوويو  ۽ آپگهاتي جيڪٽ ۽ هٿيارهٿ اچڻ جو به چيوويو، هاڻي جواب ڏيو ته وزيرن جو اهو موقف جوابدارن کي بچائڻ جي ڪوشش هئي، هاڻي هو قوم کان معافي گهرن.  ن ليگ اڳواڻ چيو ته ذيشان پهريون دهشتگرد هو جنهن جو واسطو دهشتگردن سان ٽن ڏينهن کان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اڃا تائين هي ذيشان جو تعلق دهشتگردن جوڙڻ ۾ ڪامياب ناهن ٿي سگهيا. ان موقعي تي اتي موجود راڻا تنوير چيو ته ساهيوال سانحي سان پوري قوم ۾ بي چيني ۽ خوف آهي، ڪجهه آفيسرن جي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو، ڪيترائي سوال اڃا تائين حل طلب آهن. راڻا تنوير جو چوڻ هو ته وزيراعظم جو ٽوئيٽ ڪجهه ٻيو ۽ وزيرن جو موقف ڪجهه ٻيو هو.  هن چيو ته هڪ پاسي دهشتگرد چون ٿا ٻئي پاسي وري ٻه ڪروڙ امدا ڏين ٿا، ڪجهه آفيسرن کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي، وزيراعظم ۽ پنجاب جو وڏو وزير استعفيٰ ڏين.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *