رينجرز معاملي کي ڇو پيو وڌايو وڃي، اختيار ته مون وٽ به ناهن: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته رينجرز اختيارن جي معاملي کي ڇو وڌايو پيو وڃي، اختيار ته مون وٽ به ناهن. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اوهان رينجرز جي معاملي کي ڇو وڌائي رهيا آهيو اختيار ته مون وٽ به ناهن. رينجرز اسان سان گڏ آهي ۽ اسين رينجرز سان گڏ آهيون معاملي کي خوش اسلوبي سان حل ڪيو ويندو. جيڪڏهن اقليتي اپوزيشن اڪثريت کي ڊڪٽيٽ ڪري ته افسوس جي ڳالهه آهي. اسان ايوان جو تقدس برقرار رکندي تحمل جو مظاهرو ڪيو پر هنگامي سبب اجلاس جاري رکڻ ممڪن نه هو جنهن تي اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *