ريتڪ روشن ڪنگنا رناوت کي فلم مان ڪڍي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي وود اداڪارا ڪنگنا رناوت کي ايڪشن هيرو ريتڪ روشن سان ڇتي ويڙهه مهانگي پئجي وئي،جنهن کانپوءِ کيس فلم مان به ڪڍيو ويو آهي.بالي ووڊ اداڪار ريتڪ روشن ۽ ڪنگنا رناوت  وچ ۾ پيار واريون خبرون گهڻي عرصي کان عام هيون،پر گذريل ڏينهن هڪ تقريب ۾ اداڪارا  پاران ريتڪ روشن کي اڳوڻو محبوب قرار ڏيڻ کانپوءِ ٻنهي وچ ۾ لفظن جي جنگ شروع ٿي وئي ۽ اداڪارا کي ريتڪ روشن سان جهيڙو مهانگو پئجي ويو.ميديا رپورٽ مطابق پروڊيوسر ساجد  نادياڊ والا پنهنجي نئين ايندڙ فلم ۾ اداڪارا ريتڪ روشن جي سامهون ڪاسٽ ڪرڻ چاهيو پئي،جنهن لاءِ اداڪارا به حامي ڀري هئي،پر ريتڪ روشن پاران انڪار ڪرڻ کانپوءِ اداڪارا کي ريتڪ جي فلم مان رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اداڪارا دپيڪا پڊوڪون کي فلم ۾ شامل ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *