رياستي ظلمن باوجود جمهوريت کي سرسبز ۽ شاداب رکيو: خورشيد شاهه

پئرس (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ کي هڪ ٻئي ڪاري ڏهاڙي کان بچائڻ لاءِ ڌرڻن دوران جمهوريت جو ساٿ ڏنو ۽ نواز حڪومت کي نه پر پارليمينٽ کي بچايو ڇو جو ان جي آڙ ۾ ادارن وچ ۾ ٽڪراءُ ۽ غير سياسي قوتن کي جموريت تي راتاهو هڻڻ جو موقعو ملي رهيو هو هو پئرس ۾ پيپلزپارٽي فرانس جي اهتمام هيٺ 5 جولاءِ تي ڪاري ڏهاڙو ملهائڻ طور تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو تقريب جي صدارت پ پ پ يورپ جي ڪوآرڊينيٽر ڪامران يوسف گهمڻ ڪئي خورشيد شاهه چيو ته پ پ پ اها وحد جماعت آهي جنهن سڀ کان وڌيڪ ڊڪٽيٽرن جا ظلم برداشت ڪيا انهيءَ ڪري جمهوريت جو قدر اان جي جماعت کان علاوه ٻي ڪنهن جماعت کي نه آهي خورشيد شاهه چيو ته 5 جولاءِ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد نئين نسل کي اهو ٻڌائڻو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي بقا پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪري آهي پ پ پ هر دور ۾ رياستي ظلم برداشت ڪيا پر جمهوريت جي ٻوٽي سرسبز ۽ شاداب رکيو خورشيد شاهه چيو ته 1977 ۾ به اهڙيون حالتون پيدا ڪري سياسي پارٽين سان واعدو ڪيو ويو ته 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وينديون ۽ پوءِ سڀني ڏٺو ڪهڙي طرح 10 سالن تائين ملڪ ۾ انڌو قانون مڙهيل رهيو ۽ انهيءَ دور ۾ مذهب جي نالي تي دهشتگرد پيد اڪيا ويا ۽ اڄ اهي ئي دهشتگرد پاڪستان جي رت جا پياسا آهن 1997 ۾ صرف 17 سيٽون هئڻ جي باوجود پيپلزپارٽي ڪنهن جمهوري پاليسي جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪيو ۽ فاروق لغاري ۽ ميان نوازشريف جي غير فطري جوڙ جي ڪري عوام کي هڪ دفعو ٻيهر مارشل لا ڏسڻو پيو جنهن سان بي بي شهيد جي ڪوششن جي ڪري ئي عوام کي نجات ملي شهيد زوالفقارعلي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي قرباني ڏيڻ کان پوءِ به پيپلزپارٽي ملڪ کي هڪ دفعو بيهر اهڙي طرح امريت جي دور ۾ دڪي سگهي ٿي خورشيد شاهه چيو ته اڄ پنجاب جو ڪارڪن صرف ان لاءِ ناراض آهي جو اسان حڪومت جو ساٿ ان وقت ڏنو جڏهن نوازشريف جا هٿ پير ٿڌا ٿي چڪا هئا پر اسان نوازشريف جو نه پر جمهوريت جو ساٿ ڏنو آهي آخر ۾ هن چيو ته بيروني ملڪ رهندڙ پاڪستان جو وڏو سرمايو آهن اسان کي انهن جو قدر ڪڻ گهرجي ڪامران يوسف گهمڻ خورشيد شاهه کي نجي دوري تي پئرس اچڻ تي ڀليڪار چيو ۽ چيو ته هو خورشيد شاهه جو ٿورائتو آهي جو هن پنهنجي موڪلن جي وقت ۾ مختصر وقت پيپلزپارٽي فرانس لاءِ ڪڍيو ۽ ان تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *