دهشتگردي ٽوڙ عدالت پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ صدر عارف علوي سميت پي ٽي آءِ قيادت کي بري ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ صدر عارف علوي سميت پي ٽي آءِ قيادت کي بري ڪري ڇڏيو آھي، اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج محمد علي وڙائچ صدر عارف علوي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ۽ تعليم واري وزير شفقت محمود کي بري ڪري ڇڏيو آھي، عدالت خيبرپختونخواهه جي صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي، اعجاز چوڌري، عليم خان ۽ جهانگير ترين جي به ڪيس مان بريت واري درخواست منظور ڪئي، عدالت ۾ ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن جوابدارن جي درخواستن تي ڪا به مخالفت نه ڪئي، واضح رهي ته پارليامينٽ حملي جو ڪيس 30 آگسٽ 2014 تي سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان اڳ ئي بري ٿي چڪو آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *