دهشتگرديءَ جي خاتمي ۾ اصل رڪاوٽ حڪمرانن جون غلط پاليسيون آهن: سراج الحق

لاهور  (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان ۾ انقلاب جو  ذريعو بندوق نه پر پولنگ اسٽيشن آهي، جماعت اسلامي جمهوري، جڏهن ته باقي پراپرٽي پارٽيون آهن، ٻين پارٽين ۾ پيءُ کان پٽ ۽ ڏوهٽي کي اقتدار ڏنو وڃي ٿو، اسان هر طرح جي دهشتگردي جي خلاف آهيون چاهي اهو ماڻهو، ادارو ڪري يا حڪومت ڪري، ملڪ ۾ ضمني بجيٽ جي ڪا ضرورت نه آهي، اسان ان کي رد ڪريون ٿا، نيشنل ايڪشن پلان ۽ رد الفساد جو اهو مقصد ناهي ته سياسي پارٽين تي پابندي لڳائي وڃي، سياسي سرگرمين تي پابندي جو مطلب آمريت کي هٿي وٺرائڻ آهي، لاهور ۾ خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عالم سڳورا دهشتگردي جي خلاف آهن ۽ هاڻ حڪومت به ثابت ڪري ته اها به دهشتگردي جي خلاف آهي، هن چيو ته ن ليگ ۽ پ پ پرويز مشرف جي پاليسين تي هلي رهيون آهن، ضمني بجيٽ جي ڪا به ضرورت نه آهي، ايترو عرصو گذري ويو پر حڪمران قوم کي هڪ زبان نه ڏئي سگهي جنهن قوم جو تعليمي نظام ورهائجي وڃي اها ڪيئن هڪ قوم بڻجي سگهي ٿي، وزيراعظم به بادشاهي مسجد جي خطيب وانگر واعض ۽ نصيت ڪندو رهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *