دهشتگردن جو هر هنڌ تعاقب ڪنداسين: سياسي ۽ عسڪري قيادت جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي صدارت هيٺ سيڪيورٽي متعلق اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگردن جو هرهنڌ تعاقب ڪيو ويندو خميس تي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ گهرو وزير بچاءُ وارو وزير آرمي چيف ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل ظهيرالسلام ۽ نامزد ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر شريڪ ٿيا اجلاس ۾ ملڪ جي اندروني ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو عسڪري عملدارن اوڀر ۽ اولهه سرحدن جي صورتحال چوڌري نثار ملڪ جي اندروني سلامتي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني آپريشن ضرب عضب ۾ هن وقت تائين جي اڳڀرائي لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري جي صورتحال تي پڻ غور ڪيو ويو خيبر ايجنسي ۾ دهشتگردن جي خلاف شروع ڪيل ڪارروائي جو پڻ جائزو ورتو ويو اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگردن جي هر هنڌ ڪڍ لڳي انهن جو خاتمو ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *