دنيا تسليم ڪري ته پاڪستان کي عالمي سهڪار تمام گهٽ رهيو آهي: انتونيو گوتريس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي دنيا کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته افغان پناهگيرن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان کي عالمي حمايت تمام گهٽ رهي آهي. اسلام آباد ۾ افغان پناهگيرن بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي انتونيو گوتريس چيو ته اسان يڪجهتي ۽ همدردي جي ذڪر جوڳي ڪهاڻي جو اعتراف ڪرڻ لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون، ائين ڪرڻ اهم آهي ڇو ته اها ڪهاڻي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، 40 سالن کان پاڪستان افغان پناهگيرن لاءِ پنهنجا دَر کليل رکيا. هن چيو ته 40 سالن کان افغان عوام ڏکيائين جو شڪار آهي، پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي 40 سال ميزباني جي ڪهاڻي ڀائراڻن لاڳاپن ۽ قرباني جي جذبن تي ٻڌل آهي، 40 سالن کان افغانستان جي عوام ڪيترن ئي بحرانن کي منهن ڏنو، جڏهن ته ڪيترن ئي سالن کان پاڪستاني عوام انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، اها سخاوت هاڻ ڏهاڪن ۽ نسلن تي ٻڌل آهي، جيڪا دنيا جي تاريخ ۾ پناهگيرن جي سڀ کان ڊگهي عرصي تائين جاري رهڻ واري آهي. سندس چوڻ هو ته اها ڪهاڻي منهنجي دل جي به گهڻي ويجهو آهي، جڏهن مان گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ڪمشنر جي عهدي تي هيس، ان عرصي دوران پاڪستان گهڻي قدر پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن ۾ پهرين نمبر تي هو، 1979 کان وٺي هر چئن سان ٽي سال پاڪستان يا ايران پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ سڀ کان وڏن ملڪن ۾ شمار ٿيندا رهيا، دنيا جي ٻين حصن ۾ وڏا تڪرار سامهون آيا آهن ۽ پناهگيرن جي آبادي ۾ واڌ ٿي آهي پر پاڪستان اڄ به پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ دنيا جو ٻيو ڏو ملڪ آهي. انتونيو گوتريس چيو ته افغانستان جي عوام کي امن، خوشحالي ۽ انساني حقن جي احترام جي ضرورت آهي ۽ اهو سندن حق آهي، جڏهن ته اسان کي اهو تسليم ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان جي قومي ڪوششن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان لاءِ عالمي سهڪار تمام گهٽ رهيو آهي، اسان کي افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ تي فخر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *