خدا انهن جو به رزق بند ناهي ڪندو جيڪي غافل آهن: عابده پروين

ڪراچي (شوبز نيوز) صوفي گيتن جي ملڪا عابده پروين پنهنجي هاڻوڪي انٽرويو ۾ مداحن کي انسانيت جو پيغام ڏيندي چيو آهي ته خدا ته انهن کي به کارائڻ بند ناهي ڪندو جيڪي هن جي ايمان نٿا رکن.عابده پروين تازو ئي ڪوڪ اسٽوڊيو جي سيزن 14 ۾ رليز ٿيل پنهنجي ڪلام ”تو جهوم“ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ”زلفي صاحب“ ان ۾ پنهنجي دل ۽ جان لڳائي آهي، زلفي ان جي راڳ کي پاڪيزڪگي ۽ گرمجوشي سان پيش ڪيو آهي.گلوڪارا نصيبو لال جي تعريف ڪندي هن چيو ته هن سان گڏ نصيبو لال کي به ان پرفارمنس جو حصو بڻائڻ به هڪ سٺو خيال هو ڇو جو نصيبو لال به هن جيان پراڻي آهي ۽ گھڻو سٺو ڳائيندي آهي.هن ڪوڪ اسٽوڊيو سان گڏ ڪم ڪرڻ جي پنهنجي تجربي بابت ڳالهائيندي چيو ته سڀ کان پهريان اوان کي پاڻ سڃاڻڻ گھرجي ڇو  ان کانسواءِ اوهان کي ڪو به ڪنهن به قسم جو موقعو فراهم نٿو ڪري سگھي.سندس چوڻ هو ته ڪوڪ اسٽوڊيو جي گذريل سيزن ۾ حيات ۽ اسٽرنگز ٻنهي سان گڏ ڪم ڪرن کان پوءِ، هوءَ سمجهي وئي آهي ته ٺاهيندڙ هن جي موسيقي کي بهتر ڄاڻين ٿا.هن چيو ته دين جي بزرگن جو ڪلام جتي به پڙهيو ويندو آهي اُها جاءِ درگاهه بڻجي ويندي آهي، الله هر دل ۾ موجود آهي، اسان کي ان سان ڳالهائڻ لاءِ جڳهه تبديل ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.هن چيو ته هوءَ پيسي لاءِ ناهي ڳائيندي، هن جي ڪنهن به پليٽ فارم تي هجڻ جو مقصد خدا جو پيغام ڦهلائڻ آهي.سندس چوڻ هو ته اهو به خدا جو طريقو آهي ته انهن کي به کارائڻ بند ناهي ڪندو جيڪي ان تي ايمان نٿا رکن، هو غيرجانبداري کي برقرار رکندو آهي، خدا انسانيت جو مثال قائم ڪيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *