حڪومت معيشت ۾ سڌارن کي چيلينج سمجهي قبول ڪيو آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين چيو آهي ته حڪومت معيشت ۾ سڌارن کي چيلينج سمجهي قبول ڪيو آهي، معيشت جي بهتري لاءِ هاڻي حڪومت جا قدم پوئتي نه هٽندا. اسلام آباد ۾ زرعي ۽ قدرتي وسيلن جي پاليسي ۾ سڌارن بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان به ٻين ترقي يافته ملڪن جيان معيشت جهڙي چيلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته آمريڪي حڪومت جي امداد سان ميڪرو اڪنامڪ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، غربت ۾ گهٽتائي، معاشي ۽ سماجي سڌارا به حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن. صدر ممنون حسين چيو ته خوراڪ کاتي ۾ جاچ ۽ سڌارن تي به ڌيان ڏنو پيو وڃي. صدر وڌيڪ چيو ته حڪومت معيشت جي سڌارن واري چيلينج کي قبول ڪيو آهي، هاڻي معيشت جي بهتري لاءِ حڪومتي جا قدم اڳتي وڌندا رهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *