حڪومت جو پهريون اصول عوام جي خدمت ۽ بااختيار بنائڻ آهي: نوازشريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته موجوده حڪومت جي پاليسين جو پهريون اصول عوام جي خدمت ۽ بااختيار بنائڻ آهي امن جي صورتحال ۾ بهتري کان سواءِ مواصلاتي رابطن ۾ واڌ ٿي آهي بجلي جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي. هو قومي اسيمبلي جي ميمبر غلام بي بي بروانا سان سومر تي ايوان وزيراعظم ۾ ڳالهائي رهيو هو ملاقات ۾ غلام بي بي بروانا چيو ته ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي گڏيل صورتحال ۾ وڏي بهتري آئي آهي جنهن سان وزيراعظم جي قيادت ۾ اقتصادي مضبوطي جو رستو هموار ٿيو آهي هن چيو ته ملڪ جي منصوبن ۽ بجلي جي شعبن ۾ وڏي سيڙپڪاري سان ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري ايندي هن وزيراعظم کي پنهنجي تڪ جي مختلف فلاحي اسڪيمن بابت معاملن کان به آگاهه ڪيو وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جي پاليسين جو پهريون اصول عوام جي خدمت ڪرڻ آهي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پارليامينٽ جا ميمبر پنهنجن پنهنجن تڪن جي عوام سان ويجهن رابطن ۾ رهن ته جيئن انهن جي ٽيم به راءِ ۽ تجويزون حاصل ڪري سگهن وزيراعظم چيو ته امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي ۽ مواصلاتي رابطن ۾ به واڌ ٿي آهي ان سان گڏوگڏ صحت ۽ تعليم جي اهم شعبن ڏانهن مناسب ڌيان ڏنو پيو وڃي.ٻئي طرف وزير اعظم نواز شريف ملڪ جي بچاءَ جي لاءِ پاڪ بحريا جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته بحريا طاقت وڌائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. پاڪ بحريا جي سربرهاه ايڊمرل ذڪا الله وزير اعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ ان کي پاڪ بحريا جي پيشيوراڻي معاملن تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وزير اعظم نواز شريف سامونڊي حدن جي نگراني ۾ پاڪ بحريا جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ملڪ جي بچاءُ جي لاءِ پاڪ بحريا جو ڪردار انتهائي اهم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *