حب ريلي جو ٽائيٽل آصف امام ۽ سلميٰ خان کٽي ورتو

 

حب(اسپورٽس نيوز) حب بلوچستان ۾ موٽر اسپورٽس جو رنگا رنگ ميلو سجيو جتي مرد ۽ عورتن پنهنجا جوهر ڏيکاريا، حب ريلي جو ٽائيٽل آصف امام ۽ سلميٰ خان کٽي ورتو.ايڪشن سان ڀرپور حب ريلي هيٺين مٿانهن ۽ خطرناڪ موڙن ۽ ڏهه ڪلوميٽر ٽريڪ تي ٻڌل هئي. پري پيئيرڊ ۽ اسٽاڪ جي چار چار ڪيٽيگريز ۾ چالييهه ريسرز شريڪ ٿيا، عورت ايونٽ ۾ سلميٰ خان پهروين ڀيرو آئي ۽ ڇائنجي وئي ۽ ٽشنا پٽيل کي اعزاز کان محروم ڪيو.قومي جهنڊي سان سجايل گاڏي به ريس جو حصو بڻي، صاحبزادا بهادر جو چوڻ هو ته پهريون ڀيرو شرڪت ڪري سٺو لڳو.حب ريلي ۾ نادر مگسي ۽ صاحبزادا سلطان محمد علي جي شرڪت نه ڪرڻ سبب نوجوانن کي ريس کٽڻ جو موقعو مليو.پري پيئرڊ اي ڪيٽيگري ۾ آصف امام ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو، خاتمي واري تقريب ۾ ڪامياب ڊرائيورن ۾ انعام به ورهايا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *