حارث سهيل ون ڊي ڪرڪيٽ جو رانديگر ئي ناهي: عبدالرزاق

ڪراچي: (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق حارث سهيل جي ٽيم ۾ سليڪشن تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته حارث سهيل جي جڳهه تي ٽيم ۾ شعيب ملڪ کي کيڏايو وڃي. هن چيو ته حارث سهيل ون ڊي ڪرڪيٽ جو رانديگر ئي ناهي مون کي خبر نٿي پوي ته کيس ڪهڙي بنياد تي ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ وٺي ويا آهن.هن وڌيڪ چيو ته امام الحق کي به ٽيم مان ڊراپ /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 05

ڪرڻ گهرجي. ٽرينٽ برج ۾ ويسٽ انڊيز جي خلاف 7 وڪيٽن تان مليل شڪست کان پوءِ قومي ٽيم تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ اڳوڻا ڪرڪيٽر به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ اڳوڻي ٽيسٽ آل رائونڊر عبدالرزاق چيو ته  مون 10 سال زرعي ترقياتي بئنڪ جي اڳواڻي ڪئي. پر مون حارث سهيل کي محدود اوورن جي مقابلن جي لاءِ به نه کنيو.هن چيو ته مون کي حيرت آهي ته سليڪٽر کيس ورلڊ ڪپ جي ٽيم ۾ چونڊ ڪيو آهي. 39 ساله عبدالرزاق چيو ته انگلينڊ جي خلاف مقابلي جي لاءِ حارث سهيل کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جي بجاءِ شعيب ملڪ کي موقعو ڏيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *