جنوري ۾ تبديلي نئين سال جي هوندي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ فيصلائتي جدوجهد جو نئون مرحلو شروع ٿيندو: شبلي فراز

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سڌسماءِ جي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ چيو آهي ته (ن) ليگ جي جن ٻن ميمبرن استيعفائون ڏنين قومي اسيمبلي اسپيڪر طرفان تصديق لاءِ طلبي سان گڏ ئي ڦري ويا آهن 2020 عالمي سطح تي مشڪل سال رهيو ڪرونا وبا سڄي دنيا ۾ صحت جي نظام ۽ معيشتن کي تباهه ڪري ڇڏيو جنوري ۾ تبديلي نئين سال جي هوندي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ فيصلائتي جدوجهد جو نئون مرحلو شروع ٿيندو ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ سينيٽر شبلي فراز  چيو ته عمران ان جي اڳواڻي ۾ پاڪستان ان چئلينج مان بهتر نموني سان نڪتو صحت ۽ معيشت بنهي کي اهميت ڏني هن چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪامياب حڪمت عملي کي عالمي سطح تي موٽ ملي هن چيو ته عمران خان جرئت منداڻن فيصلن سان معاشي بهتري ۽ ترقي لاءِ صحيح رخ جو تعين ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته اسان جي فيصلن ۽ پاليسي جو محور پاڪستان جو عوام آهي هن چيو ته 2020 ۾ اپوزيشن کي ان جي غير جمهوري هٿ ڪنڊن ناڪ آئوٽ ڪري پڏيو هن چيو ته حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ ٺهيل اتحاد پنهنجن مفادن سوچ ۽ موقف جي ور چڙهي ويو هن چيو ته ايتري اخلاقي جرئت هجي ها ته پيپلزپارٽي جي فيصلي کان پوءِ پاڻ ئي پي ڊي ايم جي ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو وڃي ها هن چيو ته 31 ڊسمبر تي استعيفائن جي ڊيڊ لائين ختم ٿي ويئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *