جماعما ريحام خلاف ميڊيا ۾ مهم پئي هلائي: سئوٽ جو الزام

لنڊن (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گهرواري ريحام خان جي مائٽن الزام مڙهيو آهي ته عمران خان جي اڳوڻي زال جماعما ريحام خان خلاف ميڊيا مهم هلائي رهي آهي، جڏهن ته عمران خان انهن الزامن کي رد ڪيو آهي، خميس تي پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان برطانوي اخبار پاران ان حوالي ساايندڙ خبرن کانپوءِ ٽوئيٽ تي چيو آهي ته جماعما هميشه حمايت ڪئي آهي ۽ ان جي باري ۾ اها سوچ ته هو ريحام جي خلاف ڪا مهم هلائي رهي آهي ڪوڙ آهي، برطانوي اخبار ميل آن لائين پنهنجي رپورٽ چيو ته ريحام جي سوٽ جيڪو پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته جماعما ان جي سوٽ ريحام خلاف مهم هلائي رهي آهي ۽ هن دعويٰ ڪئي آهي ته جماعما ان شادي مان خوش نه آهي ۽ هوءَ ساڙ ڪري رهي آهي، اسان ڄاڻو ٿا ته جماعما ڇا ڪري رهي آهي، هن چيو ته عمران ۽ ريحام پنهنجي شادي شده زندگي ۾ خوش آهن ۽ ويجهڙائي ۾ ريحام هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي مٿان مڙهيل الزامن جو جواب ڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *