توهان جو رويو بهتر آهي ته توهان لاءِ فلم انڊسٽري سُٺي جاءِ آهي: جيڪلين فرنانڊيز

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا جيڪلين فرنانڊيز جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان کي پنهنجو پاڻ مٿان اعتماد آهي ۽ توهان جو رويو بهتر آهي ته فلم انڊسٽري توهان جي لاءِ محفوظ جاءِ آهي، فلم ”ڪِڪ، رئوئي ۽ هائوس فل“ جي سيريز ۾ ڪم ڪرڻ واري سري لنڪا سان تعلق رکندڙ اداڪارا جيڪلين فرنانڊيز بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ پنهنجا ۸ سال مڪمل ڪري ورتا آهن، فلم انڊسٽري ۾ ٻاهران ايندڙ ڪيترين ئي اداڪارائن جو چوڻ آهي ته فلم انڊسٽري ۾ دوست ٺاهڻ تمام مشڪل ڪم آهي، پر بي بي سي سان ڳالهائيندي جيڪلين ان موقف کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪلين جو چوڻ آهي ته فلم انڊسٽري ۾ دوست ٺاهڻ آسان آهي، توهان جون پريشانيون، فڪر، عدم تحفظ ۽ جدوجهد سڀ هڪ جهڙيون ئي هونديون آهن، جنهن تي توهان کي هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ گهرجي، هن جو چوڻ هو ته اسان سڀ پنهنجي پنهنجي جاءِ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهيون، ڪاميابي سان گهڻو ڪجهه لاڳاپيل هوندو آهي، جنهن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي، جيڪڏهن توهان جو رويو بهتر آهي ته فلم انڊسٽري بهترين جاءِ آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *